رشتن جي خوشبوءِ

رشتن جي خوشبوءِ

رشتن جي خوشبوءِ

رشتن جي خوشبوءِ (ڪتاب): هي ڪهاڻين جو ڪتاب، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار گوپال ٺڪر جو آهي، جنهن ۾ سندس ڏهه ڪهاڻيون: سج ٽُٽي پيو، جنريشن گئپ، پيار جي پلن ۾، جيون جا ڏاڪا، تناؤ جي لڪير، اڪيلو سمجھوتو، پنهنجو پنهنجو درد، سنسڪار جي دهليز، استعيفا ۽ ٻه پرش شامل آهن. ’ڪهاڻيءَ جي ڀٽڪ‘ عنوان سان ليکڪ ڇهن صفحن تي مشتمل پنهنجي ڪهاڻين جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته: ”استري (عورت) ڪردارن منهنجي شخصي جيون جي ڪن حصن کي اهو سڪون پهچايو آهي، جيڪو شايد زماني جي ڪنهن حاصل، ٻي نعمت ايترو سڪون ڏنو هوندو.“
ڊيمي سائيز جي 98 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 40 روپيا آهي ۽ هي ڪتاب انجلي ٺڪر، باندرا، بمبئيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو